اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن وقت حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪندي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته نٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي سرحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اتي سخت برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي. مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي باڙيان واري جڳهه تي وڏي مشينري سان امدادي ڪارروايون جاري آهن، هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي جن سياحن جي لاءِ پنهنجي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا، باقي مقامي ماڻهو به اڳتي اچن، مريءَ ۽ ڀرپاسي ۾ سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ڦاٿل سياحن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون به پهچايون پيون وڃن.
متعلقہ مضامین
-
اینڈرائیڈ کے لیے بہترین سلاٹ مشین ایپس | تفریح اور جیتنے کا موقع
-
ویزا اور ماسٹر کارڈ کے ساتھ سلاٹ گیمز کا جدید تجربہ
-
بٹ کوائن کی ادائیگی کے ساتھ ٹاپ سلاٹ سائٹس
-
کریپٹو کرنسی کے ساتھ سلاٹس کھیلنے کے فوائد اور طریقہ کار
-
پاکستانی کھلاڑیوں کی پسندیدہ سلاٹ گیمز
-
پاکستان میں سلاٹ گیمز کی مقبولیت اور مستقبل
-
ہائی رولر سلاٹ گیمز کا تجزیہ اور ان کی دلچسپی
-
مشینوں کا ارتقا اور انسانی زندگی پر اثرات
-
5 ریل سلاٹس کی دنیا: ایک دلچسپ کھیل کا تجزیہ
-
آن لائن کیسینو بونس کی اہمیت اور اس کے فوائد
-
پلےٹیک سلاٹس کی اہمیت اور استعمالات
-
آن لائن سلاٹ ادائیگی کے جدید طریقے