اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪمرشل بئنڪن جي بدانتظامي ۽ مالياتي دوکيبازي کان شهرين جي بچاءُ ۾ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بئنڪنگ محتسب شڪايتن جي فوري حل ??ي لاءِ اهم ادارو آهي، صدر 6 بئنڪن کي بئنڪ فراڊ جي 31 متاثرين کي 24.136 ملين رپيا ريليف جي فراهمي جي هدايت ڪري ڇ??ي آهي ۽ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل 31 درخواستن تي فيصلا ڪري ڇ??يا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فراڊ متاثرين جي حق ۾ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن کي برقرار رکيو، اهي فيصلا عوام کي انصاف ۽ فوري ريليف فراهم ڪر?? جي صدر جي عزم جا عڪاس آهن. صدر ڪمرشل بئنڪن جي بدانتظامي، مالياتي دوکيبازي کان شهرين جي بچاءُ ۾ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب شڪايتن جي فوري حل ??ي لاءِ اهم ادارو آهي. هن چيو ته بئنڪنگ محتسب ڊگهي قانوني طريقيڪار جي بار کانسواءِ متاثرين کي وقت س?? انصاف فراهم ڪري ٿو. صدر چيو ته عوام بئنڪنگ تڪرارن ۽ فراڊ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي خدمتن مان فائدو کڻي. صدر يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ پاران داخل درخواستن کي رد ڪري ڇ??يو ۽ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته اها متاثر 12 صارفين کي 1 ڪروڙ 15 لک رپيا واپس ڪري. مسلم ڪمرشل بئنڪ جي 10 صارفين کي مجموعي طور تي 52 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪر?? جي هدايت ڪئي وئي. الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ پاران داخل 5 درخواستون پڻ خارج ڪيون ويون جڏهن ته الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ کي متاثر صارفين کي 40 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪر?? جو حڪم ڏنو ويو. صدر بئنڪ آف پنجاب جون داخل ٽي درخواستون پڻ خارج ڪري ڇ??يون ۽ فراڊ کان متاثر 3 صارفين کي 23 لک کان وڌيڪ رقم واپس ڪر?? جي هدايت ڪئي. صدر ع??ڪري بئنڪ لميٽيڊ کي هڪ ڪيس ۾ 490000 رپيا واپس ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي ڪيس ۾ هڪ صارف کي 420000 رپيا ادا ڪر?? جي هدايت ڪئي. انهن متاثرين کي دوکبياز ماڻهن پاڻ کي بئنڪ جو نمائندو ظاهر ڪري دوکو ڏنو، دوکيباز ماڻهن دوکيبازي تي ٻڌل فون ڪالز جي ذريعي صارفين کان بئنڪنگ جا حساس تفصيل حاصل ڪيا. صارفين کان ذاتي بئنڪنگ تفصيل حاصل ڪر?? کانپوءِ صارفين جي اڪائونٽس مان رقم ڪڍرائي وئي. صارفين فراڊ ذريعي هڙپ ڪيل رقم واپس وٺڻ جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو جنهن تي متاثرين ريليف حاصل ڪر?? جي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪن محتسب جي فيصلن کي چئلينج ڪندي صدر کي جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ٻڌڻي ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حتمي فيصلا ٻڌايا ويا.
متعلقہ مضامین
-
Medusa II آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا دور
-
No Pakistani killed, injured in Brussels blasts: ambassador
-
President was not served 22 dishes: clarifies BAMDC
-
Climate change could devastate Swat and Shangla: experts
-
Mufti Qawi denies links with any suspect of Qandeels murder case
-
MQMs Farooq gathers himself together, vows to take partys ideology forward
-
PM Nawaz condemns unprovoked aggression of Indian forces along LOC
-
No compromises on national security: Zardari
-
PTI chief criticizes PM Nawaz
-
منی ٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
نمبر پانچ اعلی اور کم شہرت والی بیٹنگ ویب سائٹس
-
ڈریگن ہیچ ٹرسٹڈ بیٹنگ ویب سائٹ: محفوظ اور قابل اعتماد تجربہ